SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Administered Territory

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ədministəd
  • teritriː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Administered Territory

ايڊمنسٽرڊ ٽيريٽري

انتظامي عملداريءَ وارو علائقو

هي اصطلاح سڀ کان پهرين، 1919ع ۾ آمريڪي سياستڪار G.L.Beer (تڏهوڪي آمريڪي صدر ووڊروولسن جو پئرس ۾ مقرر ڪيل نمائندو) استعمال ڪيو. پر جڏهن جان سمٽس (John Smuts) ”ليگ آف نيشنز“ جي ميثاق (Covenant) ۾ ٻاويهون نمبر آرٽيڪل ”Mandate System“ متعارف ڪرايو, ته هي اصطلاح سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو. هن اختيار تحت ڪنهن به علائقي جو انتظامي ڪنٽرول ڪنهن اهڙي ملڪ يا اداري کي سونپيو وڃي ٿو، جيڪو غيرجانبداريءَ سان ان علائقي جي ماڻهن جي مرضيءَ مطابق ڪاروهنوار هلائي. جيڪڏهن انتظام سنڀاليندڙ ملڪ يا ادارو ايمانداريءَ سان ان علائقي جي سار سنڀال نه ٿو لهي، ته پوءِ ان علائقي جي هلي چليءَ جون واڳون بين الاقوامي اداري (مثال طور: گڏيل قومون) جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون. ان کان پوءِ اهو بين الاقوامي ادارو گڏيل قومن جي آرٽيڪل 22: مطابق] ”علائقي جو انتظام تيستائين سنڀاليندو، جيستائين ان علائقي جا ماڻهو انتظامي معاملن ۾ پاڻ ڀرا نه ٿيا ٿين.“[ عمل ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تنظيم قائم ٿيڻ کانپوءِ اهڙن ڪيترن ئي علائقن کي آزادي ۽ پنهنجا انتظام پاڻ سنڀالڻ جي اجازت ملي آهي. انهن ۾ اردن، اسرائيل، لبنان، شام، عراق ۽ نميبيا شامل آهن. مثال طور، آزاديءَ کان اڳ (1920ع ۾) نميبيا جو ملڪ (جيڪو تڏهن جرمن سائوٿ ويسٽ آفريقا جي نالي سان سڏيو ويندو هو) سار سنڀال لاءِ ڏکڻ آفريقا جي حوالي ڪيو ويو. پراهڙو اختيار ملڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريقا، نميبيا جي چڱيءَ طرح سار سنڀال لهڻ ۾ ناڪام ويو، جنهن ڪري بين الاقوامي سطح تي ’ليگ آف نيشنس‘ طرفان نميبيا جي تيستائين نگراني ڪئي وئي، جيستائين نميبيا جا ماڻهو ۽ اڳواڻ انهيءَ لائق ٿيا جو پنهنجا معاملات پاڻ سنڀالي سگهن. گهڻن محققن جو خيال آهي ته ”Mandate System“ وارو اهو آرٽيڪل، گڏيل قومن جو ادارو پوري طرح سان لاڳو نه ڪرائي سگهيو آهي. ڪشمير، لبنان ۽ آفريقا جي ڪجهه علائقن جا مسئلا، هن سرشتي جي موجودگيءَ باوجود حل نه ٿي سگهيا. پر ٻئي طرف هن آرٽيڪل جو ڪافي ملڪن کي فائدو به پهتو. خاص طور ٻي عالمي جنگ (1939-1944) کانپوءِ جيڪي علائقا مناسب مدد لاءِ واجهائي رهيا هئا، تن جي هن نظام ذريعي واهر ڪئي وئي ۽ کين مختلف شُعبن ۾ گهربل سهائتا فراهم ڪئي وئي


Remember Me Also:

ڏنگرو

اسم خاص. تعلقي نوشهري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal